آءِ ايم ايف کي اپيل ڪيان ٿو ته ٻوڏ سٽيل قوم لاءِ شرط نرم ڪيا وڃن: بلاول

ڪراچي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آءِ ايم ايف کي پاڪستان لاءِ قرضن جي مد ۾ شرط نرم ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي، ڪراچي ۾ سنڌ رزيلينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي قوم مٿان مهانگائي جو بار وجهي رهيا آهيون

ڪراچي ۾ سنڌ رزيلينٽ ڪانفرنس کي خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته  مهانگائي جي ذميوار حڪومت نه آهي، آءِ ايم ايف کي اپيل ڪيان ٿو ته ٻوڏ سٽيل قوم لاءِ شرط نرم ڪيا وڃن، ٻوڏ متاثرن کي مهانگائي ۾ نه ٻوڙيو وڃي

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اسان کي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي معاشي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي، طوفاني برساتن کانپوءِ ٻوڏ اسان لاءِ قيامت کان اڳ هڪ قيامت ثابت ٿي، اسان جي پهرين ترجيح ٻوڏ متاثرن جي بحالي آهي، تڪليف جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي عالمي ادارن جا ٿورائتا آهيون

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو ڪردار به واکاڻ جوڳو رهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔