بلاول ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير لاءِ فنڊز جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير لاءِ فنڊز جاري ڪري ڇڏيا آهن

بلاول ڀٽو زرداري سنڌ رزيلينٽ ڪانفرنس جي موقعي تي ڪمپيوٽر جو بٽڻ دٻائي فنڊز جاري ڪيا

صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ بلديات واري سيڪريٽري پراجيڪٽ بابت بلاول ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏني

وڏي وزير مراد علي شاهه موجب فنڊز جاري ٿيڻ سان گهرن جي اڏاوت لاءِ شروعاتي طور 8 ضلعن ۾ فنڊز منتقل ٿي ويا آهن

مراد علي شاهه موجب لاڙڪاڻو، سکر، دادو، حيدرآباد، ٺٽو، شهيدبينظيرآباد، عمرڪوٽ ۽ ٽنڊوالهيار ضلعن ڏانهن فنڊز منتقل ٿي ويا

وڏي وزير ٻڌايو ته متاثرن کي هاڻي کان 75 هزار روپين جي پهرين قسط جاري ٿي وئي آهي، سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ دوران 21لک کان وڌيڪ ڪچا ۽ گهر ڊهي پيا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔