شهباز شريف جو ترڪ صدر کي فون، زلزلي سبب ٿيل تباهي تي افسوس جو اظهار

لاهور: وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان کي ٽيليفون ڪري زلزلي سبب ٿيل تباهي تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو.
سرڪاري پڌرائي موجب وزيراعظم ترڪيه جي صدر سان گفتگو ڪندي چيو زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضائع تي ڏُکارا آهيون، متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪيون ٿا.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته آزمائش جي هن گهڙي ۾ پاڪستان پنهنجن ترڪ ڀائرن ۽ عوام سان گڏ آهي، زلزلي جي تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ ترڪيه جي سرڪار ۽ عوام سان ڀرپور سهڪار ڪنداسين.
هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي شدت وڌي رهي آهي، قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تباهي ڪنهن سرحد ۽ مخصوص قوم تائين محدود ناهي.
وزيراعظم زلزلي ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جي مغرت ۽ سندن پونيئرن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان ٽيليفون ۽ حمايت ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته اوهان جي ۽ پاڪستان عوامي جي جذبن جو قدر ڪيان ٿو.
ياد رهي ته ترڪيه ۽ شام ۾ اڄ صبح آيل زلزلي سبب 1600 کان وڌيڪ ماڻهو فوت جڏهن ته هزارين زخمي ٿي پيا آهن.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔