آرمي چيف جنرل عاصم منير جي هدايت تي پاڪ فوج جا 2 دستا ترڪيه روانا

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل عاصم منير جي هدايت تي پاڪ فوج جا 2 دستا ترڪيه روانا ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب ترڪيه روانو ٿيندڙ پاڪ فوج جي ٻن دستن ۾ آرمي ڊاڪٽرز، نرسنگ اسٽاف ۽ ٽيڪنيشنز شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب دستا پاڪستاني سفارتخاني سان ويجها رابطا رکڻ جو ڪم جاري رکندا ۽ ريليف جو ڪم مڪمل ٿيڻ تائين اتي موجود رهندا.
آءِ ايس پي چيو آهي ته امدادي دستا 6 فيبروري جي رات پاڪ فضائيه جي خصوصي جهاز ذريعي روانا ٿيا. امدادي سامان ۾ خيما، ڪمبل ۽ ٻيو امدادي سامان به شامل آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان ٻڌايو ويو آهي ته پاڪ فوج جي ميڊيڪل ٽيم 30 بسترن جو موبائل اسپتال قائم ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔