پنج سئو شاگردياڻين وچ ۾ پيپر ڏيندڙ اڪيلو شاگرد بيهوش

بهار: ڀارت جي ضلعي نلندا ۾ ٻارهين جماعت جو هڪ شاگرد امتحان ڏيڻ آيو، پر پرچو شروع ٿيڻ جي ڪجهه دير کانپوءِ هو بي هوش ٿي ويو

ان جو سبب ڏکيو پيپر نه هو بلڪ اهو 500 شاگردياڻين ۾ امتحان ڏيندڙ واحد شاگرد هو ۽ ان گهٻراهٽ سبب هو حواس وڃائي ويٺو. 17 سالن جي منيش شنڪر پرساد جو تعلق سُندر ڳڙهه سان آهي ۽ اهو رياضي جو پرچو ڏيڻ امتحاني مرڪز ۾ آيو هو

پر ان جي فطرت ۾ جهجهڪ ۽ شرم وڌيڪ هو. جيئن ئي اهو امتحاني هال ۾ داخل ٿيو ته اتي 500 شاگردياڻيون هيون ۽ منيش اتي ايندڙ اڪيلو شاگرد هو

شاگرد ٻڌايو ته مان ايترين شاگردياڻين ۾ پاڻ کي اڪيلو ڏسي نروس ٿي ويو هيس، ان کانپوءِ مونکي آهستي آهستي گهٻراهٽ ٿي ۽ اها ايتري وڌي وئي جو مونکي چڪر اچڻ لڳا ۽ ان کانپوءِ هن کي هوش نه آيو

ڊاڪٽرن موجب اهو اوچتو مڪمل طور تي بيهوش ٿي چڪو هو. ان کانپوءِ هن کي ويجهي اسپتال آندو ويو جتي ڪجهه دير کانپوءِ هن جا حواس بحال ٿي ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔