توشه خانه ڪيس ۾ فوجداري ڪارروائي تحت عمران خان تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

ڪراچي: توشه خانه ڪيس ۾ فوجداري ڪارروائي تحت عمران خان تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، عمران خان جي طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وئي آهي

 ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت عمران خان جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن کي عمران خان جي وڪيلن جون تصديق ٿيل ڪاپيون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

گذريل ٻڌڻي تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيلن عمران خان جي ضمانت تي اعتراض واريندي غير حاضري جي بنياد تي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔