وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪوٺايل اي پي سي هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪوٺايل اي پي سي ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سبب هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪئي وئي آهي

ان سلسلي ۾  وفاقي وزير  مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزير اعظم شهباز شريف پاران ترڪيه جي دوري سبب 9 فيبروري تي رٿيل اي پي سي ٻيهر ملتوي ڪئي وئي آهي

 وزير اعظم شهباز شريف ترڪيه عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سڀاڻي ترڪيه روانو ٿيندو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به وزيراعظم سان گڏ ترڪي روانو ٿيندو

 وزيراعظم شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان ملاقات ڪري زلزلي سبب ٿيل جاني نقصان تي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪندو، ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سبب سڄي دنيا ۾ ڏک جي لهر آهي، وزيراعظم شهباز شريف توڙي سمورين سياسي پارٽين طرفان ڏک جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔