پشاور پوليس لائنز جي مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪو، 28 ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي

پشاور: پوليس لائنز جي مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جو انگ وڌي 28 ٿي ويو آهي ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن

ريسڪيو موجب پشاور جي صدر پوليس لائنز واري علائقي ۾ مسجد اندر ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جو آواز ايترو ته زوردار هو جو پري پري تائين ٻڌو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڌماڪي کانپوءِ فائرنگ پڻ ڪئي وئي

ذريعن موجب ڌماڪي کانپوءِ ريسڪيو اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار به موقعي تي پهچي ويا آهن، سيڪيورٽي اهلڪارن علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو آهي

ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان ڌماڪي ۾ 28 ڄڻن جي شهادت ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته اڪثر زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي

ليڊي ريڊنگ اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ رت جي سخت ضرورت آهي، شهرين کي اپيل آهي ته هو وڌ کان وڌ رت جو عطيو

هي به پڙهندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔