پرويز الاهي فواد چوڌري جي زال سان معذرت ڪري ڇڏي

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي فواد چوڌري جي گهرواري حبا فواد سان فون تي رابطو ڪري پنهنجي بيان تي معذرت ڪري ڇڏي

 پرويز الاهي چيو ته فواد چوڌري بابت منهنجي تڪراري بيان سان توهان جي دل آزاري ٿي آهي ته معذرت ڪيان ٿو

فواد چوڌري هڪ برک سياستدان ۽ عمران خان جو اهم کلاڙي آهي، فواد چوڌري ڏکين وقتن ۾ به پي ٽي آءِ جو ساٿ نه ڇڏيو

 حبا فواد پرويز الاهي جي معذرت قبول ڪندي چيو ته ڏکي گهڙي ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي پرويز الاهي جا ٿورائتا آهيون

 پرويز الاهي تڪراري بيان ۾ چيو هو ته فواد چوڌري کي گهڻو وقت اڳ گرفتار ڪيو ويو وڃي ها ته هاڻوڪي صورتحال پيدا نه ٿئي ها

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔