آپگهاتي بمبارن جو نيٽ ورڪ پڪڙجي پيو، ڪي پي تباهيءَ کان بچي ويو

انٽيليجنس ادارن آپگهاتي حملا ڪندڙن جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي خيبرپختونخواهه کي تباهيءَ کان بچائي ورتو

 آپگهاتي بمبارن جي نيٽ ورڪ وٽان افغان موبائيل سمز، منشيات ۽ ڪرنسي به هٿ ڪئي وئي

ذريعن موجب 19 جنوري تي جمرود واري چوڪي وٽان آپگهاتي حملو ڪندڙ داخل ٿيو، حملو ڪندڙ جي فائرنگ ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، فائرنگ کانپوءِ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو

 سيڪيورٽي ذريعن موجب ان آپگهاتي حملي ۾ عمر نالي ٽي ٽي پي جي دهشتگرد جو هٿ هو، ٽي ٽي پي جي عمر کي جمرود ۾ رهائش جي سهولت ستانا جان فراهم ڪئي هئي

23 جنوري تي آپگهاتي بمبار سان تعلق رکندڙ فرمان الله ۽ عبدالقيوم کي پڪڙيو ويو، 27 جنوري تي آپريشن دوران سهولتڪار فضل امين، فضل احمد، محمد عامر ۽ حماد الله کي حراست ۾ ورتو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔