عمران خان کي جيل ۾ ڏسي رهيو آهيان: ڪيپٽن (ر) صفدر

لاهور: ن ليگ اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر چيو آهي ته 2018 جي چونڊن ۾ عمران خان کي سازش ذريعي آندو ويو، عمران خان هن ملڪ کي سريلنڪا بڻائي ڇڏيو.
پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيپٽن (ر) صفدر چيو ته 4 سالن جو گند 4 مهينن ۾ ختم نٿو ڪري سگهجي، هڪ سال ته ڏيو، اليڪشن کان اڳ معيشت کي ٺيڪ ڪيو وڃي.
هن چيو ته مون تي 28 ڪيس آهن، روز عدالت ۾ هوندو آهيان، مريم نواز پنهنجي پيءَ جو نظريو اڳتي وڌائڻ لاءِ اچي رهي آهي، جڏهن ته عمران خان کي جيل ۾ ڏسي رهيو آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔