حڪومت پيٽرول 35 ۽ ڊيزل به 35 رپيا لٽر مهانگو ڪري ڇڏيو: ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد: وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي هڪ وڌيڪ فرمائش پوري ڪري ڇڏي، تيل ڪمپنين کي به فائدو، پيٽروليم شين جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن خلاف ڪارروائي بدران حڪومت مقرر وقت کان 3 ڏينهن اڳ قيمتون وڌائي ڇڏيون، پيٽرول 35 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل به 35 رپيا في لٽر مهانگو، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي في لٽر تي 18- 18 رپيا واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. تيل اگهن ۾ واڌ ٿيندي ئي ٽرانسپورٽ ڀاڙا به 10 سيڪڙو وڌائي ڇڏيا

تفصيل موجب وفاقي حڪومت پيٽرول پمپن تي پيٽرول، ڊيزل جو وڪرو بند ڪندڙ تيل ڪمپنين جي بليڪ مارڪيٽنگ اڳيان حڪومت گوڏا کوڙيندي 31 جنوري 2023ع رات 12 وڳي اعلان بدران 3 ڏينهن اڳ يعني ڪالهه ئي پيٽروليم شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا، اگهه ڪالهه ڏينهن جو 11 وڳي کان ئي لاڳو ڪيا ويا، عام طور رات جو 12 وڳي کان اگهه لاڳو ٿيندا آهن، ناڻي وزير اسحاق ڊار جي ٽي وي ذريعي اعلان کان پوءِ ناڻي وزارت قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نيون قيمتون 29 جنوري 2023ع ڏينهن 11 وڳي کان لاڳو تصور ٿينديون

پيٽرول جي في لٽر قيمتن ۾ 35 رپيا اضافو ڪري نئين قيمت 214 رپيا 80 پيسن مان وڌائي 249 رپيا 80 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي،  هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في لٽر قيمتن ۾ به 35 رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في لٽر جي قيمت 227 رپيا 80 پيسن کان وڌي 262 رپيا 80 پيسن تائين پهچي وئي آهي، ائين گاسليٽ جي في لٽر قيمتن ۾ 18 رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ گاسليٽ جي في ليٽر جي  قيمت 171 رپيا 83 پيسن کان وڌائي 189 رپيا 83 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي، لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر تي 18 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر جي قيمت 169 رپين کان وڌائي 187 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته پيٽروليم شين جي هٿرادو کوٽ جون خبرون سامهون آيون ۽ عالمي منڊي ۾ تيل اگهن ۾ اٽڪل 11 سيڪڙو تائين واڌ ٿي، اسان کي انهن سمورين ڳالهين کي ڌيان ۾ رکڻو پوندو. هن چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 50 رُپيا في ليٽر واڌ جا افواهه پکيڙيا ويا، گذريل چئن مهينن دوران  هڪ ڀيرو به پيٽروليم شين جا اگهه ناهن وڌايا ويا ويتر پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ اٽڪل 20 رُپين تائين لاٿ ڪئي

جڏهن ته گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهن ۾ 29 ۽ 30 رُپيا لاٿ ڪئي وئي. اسحاق ڊار چيو ته اوگرا طرفان تجويز پيش ڪئي وئي ته پيٽروليم شين جي هٿرادو کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ اگهن ۾ واڌ ڪئي وڃي، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن ۽ اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل رُپئي جي مُلهه جي انگن اکرن کي نظر ۾ رکندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 35،35 رُپيا في لٽر جڏهن ته لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ 18،18 رُپيا في ليٽر واڌ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته پيٽروليم شين جا نوان اگهه صبح يارنهن وڳي کان ئي لاڳو هوندا

هوڏانهن تيل اگهن ۾ واڌ ٿيندي ئي آل پاڪستان پبلڪ ٽرانسپورٽرز  اونرز ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي، ترجمان آل پاڪستان پبلڪ ٽرانسپورٽ اونرز فيڊريشن جي اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته ڊيزل جي قيمتن م اضافي ٽرانسپورٽ جو سسٽم تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ترجمان موجب لاهور کان ڪراچي تائين ڀاڙي ۾ 600 رپيا اضافو ڪيو ويو، لاهور کان راولپنڊي، فيصل آباد ۽ ملتان جي ڀاڙي ۾ 100 رپيا واڌ ڪئي وئي، جڏهن ته لاهور کان گجرانوالا 50، پشاور ۽ صادق آباد جي ڀاڙي ۾ 200 رپيا اضافو ڪيو ويو، ترجمان مطابق آل پاڪستان پبلڪ ٽرانسپورٽ اونرز فيڊريشن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن انتقامي ڪارروائي ڪئي وئي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ڪري ڇڏينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔