پيپلزپارٽي پاران مودي جي انتهاپسند سرڪار خلاف ۽ بلاول جي حمايت ۾ ريليون

ڪراچي (نمائندن وٽان) پيپلزپارٽي پاران مودي جي انتهاپسند سرڪار خلاف ۽ بلاول جي حمايت ۾ ريليون، ڪراچي ۾ صوبائي وزير سعيد غني، جاويد ناگوري ۽ وقار مهدي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب وٽ ريلي ڪڍي وئي

 حيدرآباد ۾  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نريندر مودي جي پتلي کي باهه ڏني وئي، لاڙڪاڻي ۾ ڪينيڊي مارڪيٽ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن پاران ڀارتي سرڪار ۽ نريندر مودي خلاف نعريبازي ڪئي وئي

خيرپور ۾ جيلاني هائوس کان پريس ڪلب تائين ريلي، پيپلزپارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين پاران شرڪت ڪئي وئي، ڀارتي سرڪار جي انتهاپسندي ۽ ڀارت ۾ بلاول خلاف ٿيل مظاهرن جي مذمت ڪئي وئي

ٺٽي ۾ رڪشا اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، صادق ميمڻ، ايم پي رياض شاهه شيرازي ۽ ٻين جي شرڪت، جاتي، سانگهڙ ۽ ٽنڊو ڄام ۾ به پيپلزپارٽي پاران ريليون ڪڍيون ويون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔