عام چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن، پرويز الاهيءَ لاءِ هاڻي گنجائش نه رهي آهي: چوڌري شجاعت

لاهور: قاف ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته عام چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن، پرويز الاهيءَ جي لاءِ هاڻي گنجائش نه رهي آهي

چوڌري شجاعت چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون ٿيون، ملاقاتن ۾ ڪا به منفي ڳالهه ٻولهه نه ٿي

جاري ڪيل بيان ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو ته  اڄ منهنجي ڪنهن سان به ملاقات نه ٿي آهي، پنجاب ۾ جيڪو ڪجهه ٿيڻ پيو وڃي اهو سٺو هوندو، مستقبل جي حڪمت عملي گڏجي ويهي طئي ڪرڻ گهرجي

هن چيو ته جنهن جماعت وٽ بي اعتمادي جا ووٽ وڌيڪ هوندا اها بچي ويندي، پرويز الاهي پنهنجا طئي ڪيل ڏينهن پورا ڪري چڪو آهي، هاڻي هن وٽ وڌيڪ گنجائش نه رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔