ميسي جي آخري ميچ يادگار، ارجنٽينا فرانس کي هارائي ٽيون ڀيرو ورلڊ چيمپيئن بڻجي ويو

لوسيل: قطر ۾ فوٽ بال ورلڊ ڪپ جو فائنل کٽي ارجنٽينا 16 ورهين کان فوٽ بال تي يورپ جو قبضو ختم ڪري ڇڏيو آهي. ليونل ميسي پنهنجو آخري ورلڊ ڪپ يادگار بڻائيندي ارجنٽينا کي ٽيون ڀيرو عالمي ڪپ جو ٽائيٽل کٽرائي ڇڏيو آهي.

دفاعي چئمپئين فرانس ۽ ارجنٽينا ۾  فٽ بال جو فائنل مقابلو عرب سرزمين تي قائم ملڪ قطر جي لوسيل اسٽيڊيم ۾ ٿيو. فائنل ۾ ارجنٽينا فرانس کي پينلٽيز ۾ چئن جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان  شڪست ڏني. ارجنٽينا 1978ع ۽ 1986ع ۾ ورلڊ ڪپ کٽيو هو.

ڪالهه مقابلي ۾ ٻئي ٽيمون ٻن ٻن گولن تان برابر رهيون. 15. 15 منٽن جا ٻه هاف ملڻ دوران به ٻن ٻن گولن تان مقابلو برابر رهيو. آخر ۾ فيصلو پينلٽي ڪڪس تي ٿيو.

ارجنٽينا پاران ليونل ميسي ٻه ۽ اينجل ماريا هڪ گول ڪيو. فرانس پاران ٽئي گول ڪليان امباپي ڪيا. ارجنٽينا 36 ورهين کان پوءِ فٽ بال ورلڊ ڪپ کٽيو.

فرانس جي کٽڻ جي صورت ۾ فرانس لڳاتار ٽيون ڀيرو ورلڊ ڪپ کٽي ها. ارجنٽينا جي ڪاميابي تي ميدان ۾ جشن ڪيو ويو.

ليونل ميسي جي اکين ۾ خوشي جا ڳوڙها اچي ويا. فرانس جا رانديگر به هارائڻ جي صدمي ۾ روئي رهيا هئا، فرانس جو صدر ميڪرون به موجود هو. جنهن جي  به اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا.

هوڏانهن صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف ارجنٽينا جي حڪومت، عوام ۽ ٽيم کي واڌايون ڏنيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔