سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي بدليون مقرريون

ڪراچي: سنڌ پوليس جي اعليٰ آفيسرن ۾ وڏي پيماني تي بدلين ۽ مقررين جو چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سھيل راجپوت پاران جاري ڪيل نوٽيفيڪشن مطابق  منير احمد شيخ ايڊيشنل آءِ جي انويسٽيگيشن  سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ خادم حسين رند کي ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ سنڌ ، طارق عباس قريشي کي ايڊيشنل آءِ جي آپريشن سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي.

عثماني غني صديقي کي ڊي آء جي انويسٽيگيشن  ڪرائم سنڌ ، تنوير عالم اوڍو کي ڊي آءِ جي ڊرائيونگ لائٔسنس اينڊ ٽريننگ،، طارق رزاق ڌاريجو کي ڊي آءِ جي فنانس ، عطاء الله چانڊيو کي ڊي آءِ جي ايس آر پي ۽ ناصر آفتاب پٺاڻ کي ڊي آءِ جي آر آر ايف مقرر ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ نوٽيفڪشن جاري ڪندي جنيد احمد شيخ کي ايس ايس پي انويسٽيگيشن  يونٽ ( ايس آءِ يو ) ۽ عارف اسلم رائو کي ايس ايس پي انٽيلي جنس اسپيشل برانچ مقرر ڪيو ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔