بي آءِ ايس پي اسڪالرشپ، نشونما ۽ ڪفالت پروگرامن ۾ سنڌ کي گهٽ رقم ملڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: پي ٽي آءِ حڪومت دوران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام ذريعي سنڌ جي نوجوانن کي خيبر پختونخوا، اسلام آباد جي شاگردن کان به اسڪالر شپ جي  مد ۾ گهٽ رقم ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، بينظير نشو و نما پروگرام ۽ ڪفالت پروگرام ۾ به سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو.  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي “پنهنجي اخبار” وٽ موجود سرڪاري دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بينظير انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران سال 2019-20ع ۾ مجموعي طور تي 4 ارب 82 ڪروڙ 71 لک رپيا خرچ ٿيا، جن مان بلوچستان صوبي جي شاگردن کي 19 ڪروڙ 29 لک، اسلام آباد جي شاگردن کي 69 ڪروڙ 23 لک، خيبر پختونخوا جي شاگردن کي 81 ڪروڙ 19 لک، پنجاب جي شاگردن کي 2 ارب 19 ڪروڙ 22 لک، سنڌ صوبي جي شاگردن کي رڳو 56 ڪروڙ 13 لک رپيا ان پروگرام تحت مليا، جڏهن ته بينظير انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت سال 2020-21ع دوران به خيبر پختونخوا ۽ اسلام آباد جي شاگردن کان به گهٽ رقم سنڌ جي شاگردن کي ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڄاڻايل سال دوران بلوچستان جي شاگردن کي 29 ڪروڙ 14 لک، اسلام آباد جي شاگردن کي هڪ ارب 42 ڪروڙ 41 لک، پنجاب جي شاگردن کي 3 ارب 91 ڪروڙ 52 لک، سنڌ صوبي جي شاگردن کي رڳو 87 ڪروڙ 96 لک رپيا ان پروگرام تحت ملي سگهيا، پي ٽي آءِ حڪومت جي آخري سال 2021-22ع دوران بينظير انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت به سنڌ صوبي کي خيبر پختونخوا، اسلام آباد جي شاگردن کان به گهٽ اهميت ڏني وئي، انهيءَ سال بلوچستان جي شاگردن کي 21 ڪروڙ 68 لک، اسلام آباد جي شاگردن کي هڪ ارب 36 ڪروڙ، خيبر پختونخوا جي شاگردن کي هڪ ارب 17 ڪروڙ، پنجاب  جي شاگردن کي 3 ارب 24 ڪروڙ 28 لک جڏهن ته سنڌ صوبي جي شاگردن کي رڳو 81 ڪروڙ 6 لک رپيا اسڪالرشپ جي مد ۾ فراهم ٿي سگهيا. مجموعي طور تي سال 2019-20ع کان سال 2021-22ع تائين ٽن سالن دوران بينظير انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت بلوچستان جي شاگردن کي 70 ڪروڙ 11 لک، اسلام آباد جي شاگردن کي 3 ارب 47 ڪروڙ 65 لک، خيبر پختونخوا جي شاگردن کي 3 ارب 39 ڪروڙ 21 لک، پنجاب جي شاگردن کي 9 ارب 35 ڪروڙ 2 لک، جڏهن ته سنڌ جي شاگردن کي ان پروگرام تحت ٽن سالن دوران رڳو 2 ارب 25 ڪروڙ 15 لک رپين جون اسڪالرشپ ملي سگهيون. جڏهن ته دستاويز ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته عمران خان جي حڪومت دوران سال 2020-21ع ۾ بينظير نشو نما پروگرام تحت خيبر پختونخوا ۾ 89 ڪروڙ ۽ سنڌ صوبي ۾ 53 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا، سال 2021-22ع ۾ نشو نما پروگرام تحت خيبر پختونخوا ۾  غريب گهراڻن کي هڪ ارب 36 ڪروڙ 78 لک 64 هزار رپيا، پنجاب ۾ هڪ ارب 8 ڪروڙ 49 لک، جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ هڪ ارب 48 ڪروڙ رپيا ان پروگرام تحت تقسيم ٿيا، هلندڙ مالي سال 2022-23ع دوران بينظير نشو نما پروگرام تحت سنڌ صوبي کي 3 ارب 86  ڪروڙ 41 لک، پنجاب کي 9 ارب 88 ڪروڙ 71 لک، خيبر پختونخوا صوبي کي 5 ارب 26 ڪروڙ 75 لک، بلوچستان ۾ هڪ ارب 15 ڪروڙ 10 لک رپيا تقسيم ٿيندا. اهڙي ريت عمران خان جي حڪومت دوران سال 2018-19ع کان سال 2021-22ع تائين چئن سال دوران بينظير ڪفالت پروگرام تحت مجموعي طور تي پنجاب صوبي سان تعلق رکندڙ غريب گهراڻن ۾ هڪ کرب 92 ارب 68 ڪروڙ 71 لک 89 هزار رپيا تقسيم ڪيا ويا،  جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ هڪ کرب 55 ارب 42  ڪروڙ 21 لک 54 هزار، خيبر پختونخوا ۾ هڪ کرب هڪ ارب 58 ڪروڙ 21 لک، بلوچستان ۾ 21 ارب 69 ڪروڙ 96 لک رپيا تقسيم ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔