پاڪستان ۾ اينٽي بائيوٽڪس جو غير ضروري استعمال، ماڻهو حياتيون وڃائڻ لڳا، ماهرن کي ڳڻتي

اسلام آباد: پاڪستان ۾ اينٽي بائيوٽڪس جو وڏي پئماني تي استعمال جاري آهي ۽ ملڪ ۾ 70 سيڪڙو مريض غير ضروري اينٽي بائيوٽڪس استعمال ڪري رهيا آهن.
صحت جي قومي اداري موجب اينٽي بائيوٽڪس جي گهڻي استعمال سان جراثيمن ۾ انهن دوائن خلاف مزاحمت وڌي رهي آهي ۽ هر سال ٿيندڙ 25 سيڪڙو موتن جو سبب اينٽي بائيوٽڪس جو غير ضروري استعمال به آهي

ٿينديون پيون وڃن، اينٽي بائيوٽڪس جي استعمال ۾ احتياط ڪيو وڃي، اهو شعور اجاڳر ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ آگاهي واڪ ٿيو.
صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن جي هدايت بنا قطعي دوا نه وٺو، نزلي، زڪام، کنگهه، خراب ڳلي يا وائرل انفيڪشن جي صورت ۾ اينٽي بائيوٽڪس جو استعمال غير ضروري آهي.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اينٽي بائيوٽڪس جي مسلسل استعمال سان وڏي مدي جا مرض جنم وٺي سگهن ٿا.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔