پاڪستان ۾ پهرين ڊسمبر کان گوگل پلي اسٽور سروس بند ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: پاڪستان ۾ پهرين ڊسمبر کان گوگل پلي اسٽور سروس بند ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيٽ بئنڪ طرفان گوگل کي پئسن جي ادائيگي روڪڻ تي سموري ملڪ ۾ پهرين ڊسمبر کان گوگل پلي اسٽور سروس بند ٿيڻ جو امڪان آهي.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان عالمي سروس فراهم ڪندڙ گوگل پلي اسٽور کي 3 ڪروڙ 40 لک ڊالر جي ادائيگي ملتوي ڪرڻ کان پوءِ موبائيل صارفين پهرين ڊسمبر 2022ع کان پاڪستان ۾ گوگل پلي اسٽور جي سروس مفت ۾ ڊائون لوڊ نه ڪري سگهندا

گوگل پلي اسٽور جي سروس معطل ٿيڻ تي پاڪستاني صارفين کي ڪريڊٽ ڪارڊ يا ڊيبٽ ڪارڊ ذريعي ادائيگي ڪرڻي پوندي ان کان پوءِ ئي ايپس کي ڊائون لوڊ ڪري سگهبو.
پاڪستان جي انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي جي وزير امين الحق اسٽيٽ بئنڪ سان پلي اسٽور جي ادائيگين تي پابندي فوري طور تي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ آءِ ٽي جي وزير چيو آهي ته ادائيگين جي بندش سبب ملڪ جي عوام کي نقصان ٿي رهيو آهي. ناڻي وارو وزير فوري طور تي معاملي جو نوٽيس وٺندي اسٽيٽ بئنڪ سان مسئلي جي حل لاءِ ڳالهيون ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔