سنڌ ۾ سِم نالن، شاخن ۽ واهن کي گهارا،ڳوٺن جا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا

ڪراچي: سنڌ ۾ برسات کانپوءِ سِم نالن، شاخن ۽ واهن کي گهارن جون تباهڪاريون جاري آھن

وارهه ڀرسان گهاڙ ڊرين کي لڳل گهارو وڌي 50 فُٽ ٿي ويو، گهاري جي پاڻي وارهه شهر کي چئني پاسن کان گهيري ورتو، پاڻي سول ڪورٽ سوڌو مختلف پاڙن ۾ داخل ٿي ويو آھي

شهر جي ڀرپاسي وارن علائقن مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جاري آھي، جڏھن تھ شهرين طرفان پاڻي نه روڪڻ جي صورت ۾ شهر ٻڏڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي

جهنڊو مري ڀرسان ميل شاخ کي لڳل گهارو 6 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻڌجي نه سگهيو، گهارو وڌي 100 فُٽ ٿي ويو، 50 کان وڌيڪ ڳوٺڻ ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آھي

پٿورو ۾ کاهي شاخ ۽ پٿورو مائينر کي لڳل گهارا 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻڌجي نه سگهيا، شهر جو سومرا پاڙو، ڦاٽڪ پاڙو ۽ ميران شاهه قبرستان سوڌو ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ آھن

پٿورو کي ٽن ضلعن سان ڳنڍيندڙ روڊ پاڻي هيٺ اچڻ سبب ٽرئفڪ بند آھي، انتظاميا ڪو قدم ناھي کنيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔