سنڌ جو سر موڙ شاعر ۽ اديب امداد حسيني وڇڙي ويو

ڪراچي: ناليوارو شاعر امداد حسيني ساهه جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو، امداد حسيني کي 10ڏينهن اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ بعد21 آگسٽ تي گهر منتقل ڪيو ويو هو، جتي سندس ساهه جي تند ٽٽي پئي

امداد حسيني 10  مارچ 1940ع تي اک کولي هئي، هُن شاعري ۽ ڪهاڻين سوڌو مختلف موضوعن تي ڪتاب لکيا

امداد حسيني سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۽ سنڌالاجي ۾ به پنهنجون خدمتون انجام ڏنيون، کيس صدارتي ايوارڊ سوڌو جوش مليح آبادي ۽ علامه اقبال ايوارڊ سان نوازيو ويو هو

امداد حسيني جي لاڏاڻي تي ادبي حلقن ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آھي، وڏي وزير مراد علي شاهه نامياري شاعر جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آھي

مراد علي شاھھ چيو تھ امداد حسيني جهڙا اديب صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، امداد حسيني پنهنجن گيتن ۽ نظمن ۾ هميشه زندا رهندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔