خيرپور مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ بعد لڏپلاڻ تيز، خوراڪ جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي

 انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ناڪام، علائقي جا رهواسي کاڌ خوراڪ ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا

سرڪاري ڪيمپن ۾ ترسيل متاثر به کاڌ خوراڪ، پاڻي ۽ ٻيون سهولتون نه ملڻ سبب سخت پريشان، مختلف علائقن جي رهواسين پاران گهر ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ جو سلسلو جاري

خبر موجب خيرپور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ ڪالهه 12هين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري رهيو، مسلسل برساتن ۽ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شهر ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي

شهر جي نئون ڳوٺ، گلستان ڪالوني، جيلاني پاڙي، چنا پاڙي، سائده ڳوٺ، اسٽاف ڪوارٽرز پاڙي، غريب آباد پاڙي، بابو شاهه محمد ڪالوني، جمالي ڳوٺ، ڏٻر پاڙي، پنجهٽي، شهيد آباد پاڙي، مل ڪالوني، جناح ڪالوني، لقمان سميت ٻين مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب زندگي مفلوج بڻيل آهي

متاثر علائقن ۾ گذريل 12 ڏينهن کان هر قسم جو ڪاروبار بند هئڻ سبب کاڌ خوراڪ جو سامان پڻ ختم ٿي ويو آهي. هوڏانهن خيرپور جي مختلف اسڪولن ۾ متاثرن لاءِ قائم ڪيل ڪيمپن ۾ ترسيل ڪٽنب پڻ خوراڪ، پيئڻ جو پاڻي ۽ ٻيون سهولتون نه ملڻ سبب پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. متاثرن جو چوڻ آهي ته جانيون بچائي سرڪاري ڪيمپن ۾ پناهه ورتي آهي

پر هتي به بي يارو مددگار بڻيل آهيون. هوڏانهن خيرپور جي نئون ڳوٺ، گلستان ڪالوني، جيلاني پاڙي، اسٽاف ڪوارٽرز سميت ٻين علائقن مان گذريل 12هين ڏينهن کان بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ جڳهون ڪمزور ٿي وڃڻ سبب رهواسين پاران پنهنجا گهر ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. ضلعي انتظاميا طرفان برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪي به موثر اپاءَ نه ورتا ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔