وزيراعظم سکر پھچي ويو، ھفتي اندر امدادي رقم متاثرن ۾ ورھائي ويندي: وزيراعظم

سکر ؛ وزيراعظم شهباز شريف طرفان برسات متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪيو ويو آھي،  وزيراعظم شهباز شريف طرفان سکر جي برسات متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪيو ويو

وزيراعظم شڪارپور روڊ تي قائم برسات متاثرن جي ڪئمپ پهچي ويو، سکر ۾ وزيراعظم شھباز شريف کي سنڌ ۾ برسات جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني پئي وڃي

وزيراعظم شھباز شريف سان گڏ بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير مراد علي شاھ، خورشيد شاھ ۽ سکر ضلعي جي انتظاميا ساڻس گڏ آھي

 وزيراعظم چيو آهي ته بي آءِ ايس پي ذريعي 25 هزار رُپيا متاثرن کي ملڻ شروع ٿي ويندا، هڪ هفتي اندر امدادي رقم ورهائي ويندي

وزيراعظم شھباز شريف جو چوڻ ھو تھ سنڌ سوڌو ٻين صوبن ۾ برسات ۽ ٻوڏ تباهي ڪئي آهي، اهڙي تباهي پهرين ڪڏهن ناهي ڏٺي، خراب معاشي حالتن باوجود متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔