سنڌ جي ڊويزنل ۽ ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب عام زندگي مفلوج

ڪراچي : سنڌ جي ڊويزنل ۽ ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب عام زندگي مفلوج، حيدرآباد شهر ۽ ٻهراڙي جي علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آھن

لطيف آباد ۾ متاثرن سياسي اڳواڻن جا پوسٽر لاهي ڇڏيا، قاسم آباد، لطيف آباد، سٽي ۽ ٻهراڙي جا ماڻهو اچ وڃ لاءِ پريشان، دادو شهر جي بازارن، رستن ۽ گهٽين تي برساتي پاڻي بيٺل، انتظاميا مختلف پاڙن ۽ ڪالونين مان به پاني نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي

لاڙڪاڻو شهر جي مختلف علائقن ۾ گهر توڙي سرڪاري عمارتون پاڻي هيٺ آيل، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب گهر ڊهڻ جو سلسلو نه رُڪيو، متاثر خاندان راشن ۽ خيمن لاءِ دربدر، خيرپور ۾ هڪ هفتو گذرڻ باوجود گهرن ۽ سرڪاري عمارتن مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، رستا، گهٽيون ۽ پاڙا ڍنڍن جو ڏيک ڏيڻ لڳا آھن

خيرپور شهر مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي حڪومتي ادارن خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آھي، عدالت انتظاميا ۽ ڌُرين کي طلب ڪري ورتو آھي

 ميرپور خاص ۾ روڊن ۽ بندن جي ڪنارن تي ويٺل برسات متاثرن جي انتظاميا سار نه لڌي، عورتون ۽ ٻارن سوڌو متاثر کُليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل، راشن ۽ خيما نه ملڻ جون دانهون ڪيون ويون آھن

سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ جون تباهڪاريون جاري آھي، سيراڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، گهرن ۾ 4 فٽ تائين پاڻي بيٺل، ڳوٺاڻن کي اچ وڃ ۾ پريشاني، پکو ۽ ڀرپاسي برسات سبب ڊهي پيل گهرن جو انگ 700 ٿي ويو آھي

 ڳوٺن کي گهيري ويٺل پاڻي نيڪال نه ٿيو، سن جي يوسي آمري ۾ برساتي ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، سرڪاري اسڪول ۽ اسپتال ۾ پاڻي بيٺل آھي، رستن ۽ گهٽين تي پاڻي جا تلاءُ ٺهي ويا

 جروار ۾ روڊ کي ڪٽ هڻڻ بعد وڌيڪ 50 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، ڪيترائي خاندان پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور، متاثرن طرفان بااثرن تي ڪٽ هڻڻ جا الزام ھنيو ويو

 راڻيپور ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال برقرار آھي، هيلٿ سينٽر ۽ ٿاڻي سنڌو سرڪاري آفيسز پاڻي ۾ ٻڌل، شهر رستا،گهٽيون ۽ پاڙا پاڻي هيٺ هجڻ سبب عام زندگي مفلوج،  هزارين متاثر امداد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔