واشنگٽن: آمريڪا سومر ڏينهن چيني اي-ڪامرس ديوعلي بابا انٽرنيٽ سرچ فراهم ڪندڙ بيدو ۽ گاڏيون ٺاهيندڙ بي واءِ ڊي ۽ نيو کي انهن ڪمپنين جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي، جن بابت واشنگٽن جو خيال آهي ته اهي بيجنگ جي فوج جي مدد ڪري رهيون آهن. اهو قدم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌائي سگهي ٿو.
گهڻي عرصي کان انتظار ڪيل اها تازه ڪاري 2025 جي شروعات ۾ جاري ڪيل پراڻي فهرست جي جاءِ وٺندي ۽ اها ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪجهه هفتا اڳ بيجنگ جي دوري دوران چين جي شي جن پنگ سان مليو هو، جتي ٻنهي اڳواڻن واپاري جنگ بابت نازڪ جنگبندي برقرار رکي هئي.
هاڻي فهرست ۾ چين جون وڏيون ٽيڪنالاجي ڪمپنيون شامل آهن، جيڪي بيجنگ جي فوجي ۽ صنعتي صلاحيت کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، ۽ اها ڳالهه واشنگٽن جي سلامتي بابت وڌندڙ خدشن کي ظاهر ڪري ٿي.
فيبروري ۾، جڏهن ٽرمپ جو چين جو دورو متوقع هو، پينٽاگون ٿوري دير لاءِ 1260H يا CMC لسٽ جي نالي سان هڪ تازه ڪاري فهرست جاري ڪئي هئي، پر پوءِ بنا تفصيلي وضاحت جي ان کي واپس وٺي ڇڏيو هو.
سومر تي جاري ڪيل نئين فهرست گهڻي حد تائين فيبروري واري واپس ورتل فهرست جهڙي آهي، فرق صرف اهو آهي ته ان ۾ چين جي وڏين ميموري چپ ٺاهيندڙ ڪمپنين CXMT ۽ YMTC کي شامل ڪيو ويو آهي. اهي ٻئي ڪمپنيون فيبروري واري مختصر عرصي واري فهرست مان ڪڍيون ويون هيون، جنهن تي واشنگٽن ۾ چين بابت سخت موقف رکندڙ حلقن ناراضگي ظاهر ڪئي هئي.
ٻيون شامل ڪيل ڪمپنيون بايو ٽيڪنالاجي فرم WuXi AppTec، مصنوعي ذهانت تي ٻڌل روبوٽڪس ڪمپني RoboSense Technology Co Ltd ۽ Unitree آهن، جيڪا انسان نما ۽ چوپائي روبوٽ ٺاهڻ واري چين جي اهم ڪمپني آهي. پهرين جون تي آمريڪي AI چپ ٺاهيندڙ Nvidia چيو هو ته اها Unitree سان گڏجي محققن لاءِ روبوٽ ٺاهڻ تي ڪم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
لسٽ ۾ شامل ڪيل چيني ڪمپنين ان کي مناسب عالمي فورم تي چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
چين جو ردعمل
واشنگٽن ۾ چين جي سفارتخاني چيو ته بيجنگ ”چيني ڪمپنين خلاف امتيازي فهرستون ٺاهڻ“ جي مخالفت ڪري ٿو ۽ چيني ڪمپنيون مقامي قانونن ۽ ضابطن تي عمل ڪن ٿيون. ”آمريڪا کي پنهنجو غلط عمل بند ڪري چيني ڪمپنين لاءِ منصفاڻو، عادلانه ۽ غير امتيازي ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي.“
فهرست مان هٽايل ۽ شامل ڪيل ادارا
ڪجهه ادارا، جن ۾ چين جي سرڪاري تيل ڪمپني CNOOC جون ٻه ذيلي ڪمپنيون پڻ شامل آهن، فهرست مان ڪڍيون ويون. جڏهن ته CNOOC جي ذيلي ڪمپني China BlueChemical Limited کي شامل ڪيو ويو. پينٽاگون پنهنجي دستاويز ۾ چيو ته CNOOC سڌو سنئون چين جي حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪمپنين کي فهرست مان ان ڪري به ڪڍيو ويندو آهي جو اهي آمريڪا ۾ هاڻي ڪاروبار نٿيون ڪن يا سندن نالو تبديل ٿي ويو هوندو آهي، نه ته لازمي طور آمريڪا اهو طئي ڪري ته انهن جا فوج سان لاڳاپا ناهن.
آمريڪي فوجي خريداري تي پابندي
هي فهرست پاڻمرادو پابنديون لاڳو نٿي ڪري، پر تازن آمريڪي قانونن تحت دفاعي کاتو هن مهيني جي آخر کان فهرست ۾ شامل ڪمپنين سان سڌي معاهدي ڪرڻ کان روڪيو ويندو. 2027 کان ٽئين ڌر وسيلي انهن جون شيون يا خدمتون خريد ڪرڻ تي به پابندي لاڳو ٿيندي.
بهرحال، اهي قدم چيني ڪمپنين ۽ انهن جي ڀائيوارن لاءِ اهم مالي خرچن جو سبب بڻجي سگهن ٿا. فهرست ۾ شامل ٿيڻ سان پينٽاگون جي فراهم ڪندڙن ۽ ٻين آمريڪي سرڪاري ادارن کي پڻ هڪ منفي پيغام ملي ٿو، جنهن سبب ڪجهه ڪمپنين اڳ ۾ آمريڪا خلاف قانوني ڪارروائيون به ڪيون آهن.
تجزيو
واشنگٽن جي ٿنڪ ٽينڪ Foundation for Defense of Democracies سان لاڳاپيل چين ماهر ڪريگ سنگلٽن چيو ته اها فهرست ٽرمپ-شي ملاقات کان پوءِ آمريڪا ۽ چين جي مقابلي جي حقيقت کي ظاهر ڪري ٿي. ”واشنگٽن هاڻي انهن کي الڳ الڳ ڪمپنيون نه سمجهي رهيو آهي. اهو پوري ٽيڪنالاجي نظام کي هڪ حڪمت عملي واري مقابلي جو ميدان سمجهي رهيو آهي.“
تبصرے بند ہیں۔