ٽن مهينن لاءِ بجلي هڪ روپيو 98 پيسا في يونٽ سستي

اسلام آباد: سڄي ملڪ جي بجلي صارفين لاءِ ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 99 پئسا في يونٽ سستي ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، سڄي ملڪ لاءِ جنوري کان مارچ 2026ع جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 99 پئسا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بجلي جي هن گهٽتائي جو اطلاق جون کان آگسٽ 2026ع تائين ٽن مهينن لاءِ ٿيندو.
نوٽيفڪيشن موجب، ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جو اطلاق K-Electric جي صارفين تي به ٿيندو.
ان فيصلي سان بجلي صارفين کي 67 ارب 17 ڪروڙ 30 لک رپين جو رليف ملندو.

تبصرے بند ہیں۔