اسلام آباد: ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کي 100 ڏينهن پورا ٿي ويا آهن، صورتحال معمول تي آڻڻ جي ڪوششن باوجود سموري دنيا جنگ سبب متاثر آهي.
وچ اوڀر خاص طور تي يو اي اي، قطر، بحرين، ڪويت، عراق، شام، اردن، تل ابيب ۽ ايران جو فلائٽ آپريشن ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود مڪمل طور تي فعال نه ٿي سگهيو.
جنگ سبب آبنائي هرمز جي بندش سبب سموري دنيا ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي. مهانگائي سموريون حدون پار ڪري چڪي آهي جڏهن ته فضائي صنغت به شديد بحران جو شڪار آهي.
خطي جي خراب ٿيندڙ حالتن ۽ ٻارڻ جي تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب ڪيترين ئي ايئرلائنز کي شديد مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اهڙي صورتحال جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي ايئر لائنز وچ اوڀر جي لاءِ پنهنجون اڏامون معطل ڪري رکيون آهن.
تبصرے بند ہیں۔