نيٺ عمران خان کي به ٻوڏ متاثرن جو خيال اچي ويو

پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين ۽ اڳوڻو وزير اعظم عمران خان ملڪ جاري برساتن ۽ ٻوڏ دوران به پنهنجن جلسن ۾ رُڌل هو، جڏهن ته سندس پارٽي جا اڳواڻ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برسات متاثرن وٽ لڙي ناهن آيا

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ٻوڏ متاثر علائقن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊيرا اسماعيل خان پهتو، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان ۽ ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ آهن

گذريل ڏينهن عمران خان چيو هو ته وفاقي حڪومت کي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي پرواهه ناهي، ملڪ ۾ انساني الميو ٿيو آهي پر ڪنهن کي ڪا پرواهه ئي ناهي

عمران خان جي اهڙي بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ بحث ڇڙيو، صارفين سوال ڪيا ته جيڪڏهن حڪمرانن کي متاثرن جي پرواهه ناهي ته پوءِ عمران خان ڪهڙا قدم کنيا آهن، سندس پارٽي اڳواڻن ڪهڙيون ڪيمپس قائم ڪيون آهن؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔