سکر: وزير اعظم سان ملڻ لاءِ پهتل متاثرن کي ڌڪا ڏنا ويا

سکر: وزير اعظم شهباز شريف جي سکر جي دوري دوران برسات متاثر عورتن ساڻس ملاقات ڪري پنهنجي دانهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس اهلڪارن کين ڌڪا ڏئي واپس موٽايو

وزير اعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي سنڌ پهتو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير مراد علي شاهه ، خورشيد شاهه ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ ساڻس گڏ آهن، جڏهن ته بلاول ۽ وڏي وزير وزير اعظم جي آجيان ڪئي

بلاول ۽ وڏي وزير جي موجودگي ۾ پوليس اهلڪار متاثر عورتن کي ڌڪا ڏيندا رهيا پر ڪنهن کين نه روڪيو نه وري وزير اعظم آڏو دانهڻ جي اجازت ڏني وئي

وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، کين امدادي رقم هڪ هفتي اندر ملڻ شروع ٿي ويندي

وزيراعظم شھباز شريف جو چوڻ ھو تھ سنڌ سوڌو ٻين صوبن ۾ برسات ۽ ٻوڏ تباهي ڪئي آهي، اهڙي تباهي پهرين ڪڏهن ناهي ڏٺي، خراب معاشي حالتن باوجود متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔