برساتي پاڻي نيڪال ڇو نٿو ٿئي؟ خيرپور جي انتظاميا کي نوٽيس جاري

خيرپور جي عدالت برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ متاثرن جي مدد نه ٿيڻ بابت درخواست تي مقامي انتظاميا کي نوٽيس جاري ڪيا آهن

خيرپور جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف پٽيشن داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ ڊي سي خيرپور، اي سي، پبلڪ هيلٿ کاتي جو انجيئر ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته هڪ هفتي کان سيشن ڪورٽ، ڊسٽرڪٽ بار جي آفيس سميت مختلف علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي

عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي طلب ڪري ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔