ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ برسات سبب وڌيڪ 57 ڄڻا فوت

ڪراچي : سنڌ ۾ برسات جون تباهه ڪاريون، 20 ٻارن ۽ 14 عورتن سميت وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 91  کان وڌيڪ زخمي، 1654 گهر ڊهي پٽ، متاثر اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور، حڪومت اڃا تائين ڪي به جوڳا قدم نه کنيا جڏهن ته حيدرآباد، مٽياري، سجاول، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي

خبر موجب خيرپور جي ڳوٺ علي خان ڪٽوهر ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڄڻا بابر علي، 8 ورهين جي حور ڪٽوهر، 2 ورهين جو اسد علي، 40 ورهين جي ريحانا ڪٽوهر ۽ 35 ورهين جي نعمت عرف عائشه خاتون دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪنب جي ڳوٺ علي اڄڻ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 35 ورهين جو رانجھن علي اڄڻ دٻجي فوت ٿي ويو، 6 ورهين جو ٻارڙو زخمي ٿي پيو، چونڊڪو جي ڳوٺ کينهواري ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب 10 ورهين جو امير بخش چانگ ۽ 6 ورهين جو رهاڻ شر فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻارن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا

فيض گنج ۾ گهر ڪرڻ سبب نوجوان اسلم مجيداڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته مختلف واقعن ۾ گهرن جون ڀتيون ڪرڻ سبب 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ميرپورخاص جي جوھر ڪالوني ۾ 55 ورھين جو ڊاڪٽر اختر راجپوت گھر جي ڇت تان برساتي پاڻي ڪڍڻ دوران پير ترڪڻ سبب ڏاڪڻ تان ڪري فوت ٿي ويو، بدين ڀرسان نجر چانگ مان سيراڻي ويندڙ برسات متاثرن جي سوزوڪي ڪلٽي ٿيڻ سبب سماجي اڳواڻ نديم چانگ فوت ٿي ويو، جڏهن ته مسمات نصيبان چانگ، جواد چانگ، تبسم چانگ ۽ حور چانگ زخمي ٿي پيا، ڦل شھر جي پوليس ٿاڻي ڀرسان برساتي پاڻي ۾ وھنجندي 2 ٻارڙا 7 سالا قدير ملاح ۽ 6 سالا ايان ملاح ٻڏي فوت ٿي ويا

سيٺارجا جي ڳوٺ ڇتن شاھ بخاري ۾ پورهيت علي حسن اسلامي جي گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 4  مهينن جي صوبيا فوت ٿي وئي، پير پسايو پاڙي ۾ 70 ورهين جي عورت سڪيلڌي زال گلاب مارواڙي ڀت ڪرڻ سبب فوت ٿي وئي،  ڳوٺ محبت خاصخيلي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 20  ورهين جي نرگس دٻجي فوت ٿي وئي، خانپور مهر جي جامع مسجد پاڙي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت علي نواز سومرو دٻجي فوت ٿي ويو

جڏهن ته غلام حسين سومرو، مسمات مريم، سومري ۽ سويرا زخمي ٿي پيا،  نوشهروفيروز جي پريم نگر ۾ گھر جي بجلي ٺاهيندي غلام الله بلر کي ڪرنٽ لڳو جنھن کي سول اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو، ٻئي پاسي گرڊ اسٽيشن تي ڊيوٽي ڪندڙ ايس ڊي او بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو، محبت ديرو ۾ ڀت ڪرڻ سبب 21 ورھين جو راجا منگي دٻجي فوت ٿي ويو، راڻيپور بوائز هاءِ اسڪول ڀرسان مينهن جي لانڊي جي ڇت ڪرڻ سبب  30 ورهين جو صداقت علي وساڻ دٻجي فوت ٿي ويو

ٽنڊو آدم لڳ ڳوٺ پيرل ماڪوڙاڻي ۾گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 35 ورهين جو پورهيت عبدالواحد ماڪوڙاڻي دٻجي فوت ٿي ويو، باقراڻي جي ڳوٺ محمد واهڻ ڀرسان وڄ ڪرڻ سبب نوجوان ضمير حسين سنديلو فوت ٿي ويو، ڳڙھي ياسين ويجهو ڳوٺ رکيل جي وانڍ ۾ محمد بچل شر جو گھر ڪرڻ سبب خانل زال محمد بچل شر، حميرا ڌيءُ محمد ھاشم شر ۽ نينگر محمد ھاشم شر دٻجي فوت ٿي ويا، بلوچستان جي تعلقه گنداخا جي ڳوٺ مير خان جمالي ۾گھر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت سندس ٽي ٻار ۽ ڏير فوت ٿي ويا، فوتين ۾ 30 ورھين جي شازيه سندس ٽي ڌيئرون ٽن ورھين جي شھلا، چئن ورھين جي شڪيلا اٺن مھينن جي فروا ۽ 18 ورھين جو ڏير اظھر علي شامل آهن، شهدادڪوٽ جي مصري شاهه محلي ۾ شبير مير جت جي گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 8 سالن جو پٽ نظير ميرجت فوت ٿي ويو، لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ سانول لهر ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب محمد الياس لُهر دٻجي فوت ٿي ويو

جڏهن ته معشوق، عيدل، خادم حسين ۽ امداد لُهر سخت زخمي ٿي پيا، ڳوٺ دودائي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب رياض سانگي جي17 ورهين جي ڌيءَ اربيلان فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس ڀيڻ شبيران ۽ علي زخمي ٿي پيا، وڳڻ جي سومرا پاڙي ۾ پيش امام حافظ نالي مٺو مغيري جي گھر جي ڇت ڪرڻ سبب گهر ڌڻي نالي مٺو مغيري، سندس 2 معصوم پٽ سرفراز، شيراز ۽ پنج نياڻيون زخمي ٿي پيون، جن مان پنجن سالن جو سرفراز مغيري لاڙڪاڻي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، سيهڙ وليج ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 55 ورهين جي روبينا، سندس20 ورهين جي ڌيءُ ڪونج ۽ 5 ورهين جي پوٽي پوپري دٻجي فوت ٿي ويون، جڏهن ته گهرڌڻي رياض ڪانڌڙو، سندس پٽ 30 سالا ظهير ۽ 5 ورهين جو عيان زخمي ٿي پيا، خانپور ڀرسان ڳوٺ دکو ڳڙھي ۾ غلام مصطفيٰ گھڃو جو گھر ڪرڻ سبب 13 ورھين جي فرزانا فوت ٿي وئي، جڏھن ته  3 گھر ڀاتي روزان، عبدالوھاب، حليمان زخمي ٿي پيا، دوداپور جي ڳوٺ ھوت لهر ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 20 ورهين جي آمنه لهر فوت ٿي وئي، ڳوٺ موسو لاشاري ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب صورت خاتون دم ڏنو، سلطان ڪوٽ جي ڳوٺ علي بخش ڪٽو ۾ هڪ ئي گهر جا 3 ڀاتي 70 ورهين جو محمد بخش ڪٽو، 2 معصوم ڀينرون 7 ورهين جي واجده ۽ 5 ورهين جي نينا ڌيءَ علي گوهر ڪٽو فوت ٿي ويا، جڏهن ته نينگرين جي امڙ نجمه زخمي ٿي پئي، جاڳڻ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب وزيران زال محمد بچل جيهو فوت ٿي وئي، نئين ديري ڀرسان خانواهه ڳوٺ ۾ گهر ڪرڻ سبب 13 ورهين جو اختر جروار فوت ٿي ويو، جڏهن ته پورهيت عبدالنبي، سندس گهرواري عظميٰ ۽ نياڻي زرينا خاتون زخمي ٿي پيا

ٻانڌي ڀرسان ڳوٺ مير حسن ڏاھري ۾ گھر جي  بجلي ٺاھيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب 35 ورھين جو عبدالرشيد ڏاھري فوت ٿي ويو، شهر جي وارڊ 4 ۾ 8 ورھين جو مھربان علي جمالي برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، مدئجي جي ڳوٺ ڇتو منگي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب زال مڙس ۽ 5 ٻار دٻجي ويا، جنهن ۾ ثمينا خاتون منگي فوت ٿي وئي، ڳوٺ ربنواز مڱڻيجو ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب چئن ورهين جي سومراه مڱڻيجو فوت ٿي وئي، پوسٽ آفيس محلي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب گهرڌڻي عبدالرحيم ميراڻي ۽ سندس ٻه ٻار ملبي هيٺان دٻجي زخمي ٿي پيا، تنگواڻي ۾ 4 سالن جو فائق بنگلاڻي ڀت هيٺان دٻجي فوت ٿي ويو، شهدادپور ويجهو ڳوٺ محراب شاهي وٽ ڦٽين جي چونڊي لاءِ آيل لاڏائو قبيلي جو نوجوان رڻ مل ڪولهي سم نالي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، ڪنڊياري جي نيوٻڪري پاڙي ۾ محمد يوسف عرف پپو ۽ سندس والدا نسيم جتوئي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿي ويا. قمبر جي مختلف ڳوٺن ۾ 50 کان وڌيڪ گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪري پيون، ماءُ پٽ سميت 7 ڄڻا زخمي ٿيا،  ڳوٺ پيارو مغيري ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب غلام فاطمه ۽ ڏيڍ سال جو پٽ عمران زخمي ٿي پيا، ڳوٺ ڀنڊا ۾ ڇت ڪرڻ سبب قربان بليدي زخمي ٿي پيو، ڳوٺ راڄ واهه ۾ وٿاڻ جي ڇت ڪرڻ سبب جبار کوسو زخمي ٿي پيو، ٻير روڊ تي ڇت ڪرڻ سبب گهر ڌڻي سجاد، 8 سال جي ڌيءُ فردوس ۽ اعتبار مڱڻهار زخمي ٿي پيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔