سنڌ ۾ جاري طوفاني وسڪارن ھزارين گهر اُجاڙي ڇڏيا، گھرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڊھڻ سبب 35 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪراچي: سنڌ ۾ جاري طوفاني وسڪارن ھزارين گهر اُجاڙي ڇڏيا، گهرن جون ڇِتيون ۽ ڀٽيون ڊهڻ سبب معصوم ٻارن ۽ عورتن سوڌو وڌيڪ 35 ڄڻا اجل شڪار ٿي ويا آھن

خيرپور جي علائقي احمد پور ۾ مسجد ڊهي پئي، گهر ڊهڻ سبب مسجد ۾ پناهه وٺندڙ 5 ڄڻا دٻجي اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪنڌرا ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب پورهيت جا 2 پُٽ ۽ هڪ ڌيءُ اجل جو شڪار ٿي ويا

قمبر ۾ گهر جي ڇِت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ 2 ڌيئرون اجل جو شڪار ٿي ويون، پورهيت ۽ سندس زال زخمي ٿي پيا، ٺل ڇِت ڊهڻ سبب 2 معصوم ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ دٻجي فوت ٿي ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔