چوڌري شجاعت طرفان پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ پرويز الاهي جي حمايت جو اعلان

لاهور: ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ پرويز الاهي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

جاري ٿيل بيان ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير لاءِ ق ليگ جو اُميدوار پرويز الاهي آهي، پهرين به چئي چڪو آهيان ته جنهن کي مينڊيٽ مليو آهي، حڪومت ڪرڻ اُن جو حق آهي، مونکي وڌيڪ صفائي ۽ وضاحت ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي

هن چيو ته جيڪي چونڊجي آيا آهن، اُهي ٻين کي گهٽ ڏيکارڻ جو فڪر ڪرڻ بدران عوام جي خدمت ڪن

لاهور ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري طرفان اڄ چوڌري شجاعت سان ٻيهر ملاقات ڪرڻ جا امڪان آهن

پي ٽي آءِ قيادت به ق ليگ قيادت سان ملاقات جو فيصلو ڪري ورتو، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته عمران خان سڀاڻي لاهور پهچي ملاقات ڪندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔