پوليس ۽ رينجرز قربانيون ڏئي ڪراچي جو امن بحال ڪيو: مراد علي شاهه

شھدادپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي تھ سنڌ امن ۽ صوفين جي ڌرتي آهي، هتي هر قوم جو ماڻهو صدين کان رهي ٿو، سنڌ واسين سندن ڀرپور آجيان ڪئي آهي، پوليس ۽ رينجرز قربانيون ڏئي ڪراچي جو امن بحال ڪيو

شهدادپور ٽريننگ سينٽر ۾ پاسنگ آئوٽ پريد جي موقعي تي خطاب دوران وڏي وزير طرفان تربيت وٺندڙ اهلڪارن لاءِ کاڌي پيتي جي مد ۾ وظيفي جو اعلان ڪيو ويو

خطاب ۾ ھن چيو تھ سنڌ ۾ پوليس ذريعي امن بحال ڪيو اٿئون، پوليس جي ڪارڪرگي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سُڌارا آڻي رهيا آهيون، سي ٽي ڊي ۽ اسپيشل برانچ کي اپگريڊ ڪيو ويندو

تبصرے بند ہیں۔