ڪراچي: سنڌ ۾ امن بحال ڪرائڻ لاءِ سنڌي-پٺاڻ ڀائي ڀائي جي عنوان هيٺ ريلي، مختلف قومن جي ماڻهن جي شرڪت

ڪراچي: آفغاني پٺاڻن هٿان سنڌي نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل کانپوءِ سنڌ اندر پيدا ٿيندڙ صورتحال خلاف ڪراچي ۾ مختلف قومن طرفان سنڌي – پٺاڻ ڀائي ڀائي جي عنوان هيٺ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

ڪراچي جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ سنڌي، پٺاڻ، مهاجر سميت مختلف قومن طرفان سنڌي پٺاڻ ڀائي ڀائي جي نعري هيٺ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف قومن جي ماڻهن ۽ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي ڀٽائي آباد، پهلوان ڳوٺ سميت مختلف علائقن جو گشت ڪندي ڪراچي پريس ڪلب پهتي.

ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ سنڌين جو مادر وطن آهي، حيدرآبا ۾ آفغاني پٺاڻن هٿان قتل ٿيل سنڌي نوجوان بلال ڪاڪا وارو واقعو افسوسناڪ آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر آيل پٺاڻ ۽ ٻيون قومون ڪاروبار ڪري رهيو آهن، ڪجهه ڌريون سنڌ جي صورتحال هٿ سان بگاڙڻ چاهين ٿيون، جنهن خلاف سنڌ اندر رهندڙ سمورين قومن کي ايڪي جو اظهار ڪندي امن جو درس ڏيندڙ ڌرتي تي وڳوڙن کي روڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.

ريلي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔