گال ٽيسٽ، پاڪستان پهرين اننگ ۾ سري لنڪا طرفان ڏنل 222 رنسن جي مقابلي ۾ 24 رنسون ٺاهي ورتيون

گال: پاڪستان ۽ سري لنڪا وچ ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ٽيسٽ مئچ جي پهرين ڏينهن واري راند ۾ سري لنڪا طرفان پهرين اننگ ۾ ڏنل 222 رنسن جي هدف جي مقابلي ۾ پاڪستان ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 24 رنسون ٺاهي ورتيون.

سري لنڪا جي گال ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پاڪستان ۽ سري لنڪا وچ ۾ هلندڙ پهري ٽيسٽ ميچ ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي سري لنڪا جي ٽيم پهرين اننگ ۾221 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، سري لنڪا طرفان دنيش چنديمل 76 رنسون ٺاهيون، سري لنڪا ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪيٽن ديموٿ ڪرونا رتني هڪ ۽ اينجيلو ميٿيوز ٻڙي تي آئوٽ ٿيو.

پاڪستان طرفان بهترين بائولنگ ڪندي شاهين شاهه آفريدي 4، حسن علي ۽ ياسر شاهه 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته نسيم شاهه ۽ محمد نواز 1-1 وڪيٽ حاصل ڪري سگهيا.

پهرين ڏينهن تي جي پڄاڻي تائين پهرين اننگ ۾ سري لنڪا طرفان ڏنل هدف ۾ پاڪستان بيٽنگ ڪندي ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 24 رنسون ٺاهيون، پاڪستان طرفان اظهير علي 3 ۽ ڪيپٽن بابر اعظم هڪ رنس سان گرائونڊ تي موجود آهن، جڏهن ته عبدالله شفيق 13 ۽ امام الحق 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.

پاڪستان ۽ سري لنڪا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ مئچن واري سيريز جي پهرين مئچ جي پهرين اننگ ۾ سري لنڪا کي پاڪستان مٿان 198 رنسن جي برتري حاصل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔