سياسي جماعتن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي لاڳاپن ۾ وقت سان گڏ بهتري آئي آهي: آصف زرداري

ڪراچي : پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته سياسي جماعتن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي لاڳاپن ۾ وقت سان گڏ بهتري آئي آهي ۽ وقت سان گڏ وڌيڪ بهتري ايندي.

آصف علي زرداري سان ڪراچي ۾ صوبائي وزيرن ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ڳالهائيندي اڳوڻي صدر چيو ته عمران خان جو دور صحافت جي آزادي جي لحاظ سان ڪارو دور رهيو آهي، ڪاش عمران خان کي صحافين جي حقن جو خيال پنهنجي دور ۾ به اچي ها، پ پ جي دور ۾ سدائين صحافين کي آزادي ملي ۽ ملندي رهندي.

هن چيو ته سياسي جماعتن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي لاڳاپن ۾ وقت سان گڏ بهتري آئي آهي ۽ وقت سان گڏ وڌيڪ بهتري ايندي، سڀني جو مقصد ملڪي ترقي ۽ جمهوريت جي مضبوطي آهي، اسان سڀني وقت کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي.

سندس چوڻ هو ته اتحادي حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا، سڀني کي گڏجي آئين جي پاسداري ڪندي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻو آهي، ملڪ کي ان بحران ۾ عمران خان ڇڏي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔