تيل سستو ٿيڻ بعد ريلويز ۽ جهازن جا ڀاڙا به سستا ڪرڻ جو اعلان


پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي بعد ريلويز ۽ پي آءِ اي جي اڏامن جا ڀاڙا به سستا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

هوا بازي ۽ ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته پي آءِ اي جي ڏيهي اُڏامن ۽ ريلوي جي اڪانومي ڪلاس جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي پئي وڃي

وفاقي وزير چيو ته ڀاڙن ۾ هڪ مهيني لاءِ گهٽتائي 17 جولاءِ کان لاڳو ٿي ويندي

واضح رهي ته تيل اگهن ۾ غير معمولي اضافي کانپوءِ ريلوي ۽ جهازن جي ڀاڙن ۾ غير معمولي اضافو ڪيو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔