ڪراچي ۾ سُپر اسٽور کي لڳل باهه تي چوٿين ڏينهن به ضابطو نه آيو

ڪراچي: ڪراچي ۾ جيل چورنگي وٽ سُپر اسٽور کي لڳل باهه تي چوٿين ڏينهن به ضابطو نه آيو، سموري شهر کان پهتل فائر ٽينڊرز لڳاتار باهه وسائڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن

نيوي، ڪي پي ٽي ۽ رينجرز جا فائر ٽينڊرز به آپريشن ۾ شامل آهن، مَيزِينائين فلور تي سامان کي لڳل باهه وِسائڻ لاءِ عمارت جون ڀِتيون ٽوڙيون ويون

فائربرگيڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته مَيزِينائين فلور تي وڏي تعداد ۾ ڪپڙو هجڻ سبب باهه وڌي وئي، اسٽور جي تهه خاني ۽ گرائونڊ فلور ۾ باههه تي ضابطو آندو ويو آهي

باهه تي مڪمل ضابطي بعد ڪولنگ جو عمل شروع ٿيندو، خوفناڪ باهه سبب 15 مار عمارت جي ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔