مڪاني چونڊن بابت عدالتي فيصلو قبول هوندو: مراد علي شاهه

ڪراچي: جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بلدياتي قانون جو جائزو وٺندڙ سليڪٽ ڪميٽي جون سفارشون عدالت ڏانهن اُماڻيون آهن، عدالت بلدياتي چونڊن بابت جيڪو به فيصلو ڪندي، اُهو قبول هوندو

 وڏي وزير مراد علي شاهه نبي سر ۾ ٿر ڪول منصوبي تحت پاڻي اسڪيم جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي ميئر ۽ حيدرآباد جي ايڊمنسٽريشن بابت اڃا ڪوبه فيصلو ناهي ٿيو، متحده سان ٿيل معاهدي تي قائم آهيون

هن چيو ته متحده جو وفد بلدياتي مامرن تي ڳالهين لاءِ سڀاڻي مون سان ملاقات ڪري رهيو آهي، نواز ليگ جي حڪومت ۾ ڀلي اتحادي هجون، سنڌ جي حقن لاءِ آواز اُٿاريندا رهنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔