پنجاب جي وزيرن کي سرڪاري پيٽرول نه ملندو، حڪومت پابندي لڳائي ڇڏي

لاهور: پنجاب حڪومت وزيرن کي سرڪاري خزاني مان پيٽرول ملڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، صوبي ۾ هاڻي ڪوبه وزير سرڪاري خرچ تي پيٽرول نه وٺي سگهندو

پنجاب جي وزير عطاء تارڙ چيو آهي ته  سرڪاري ڪم ڪار لاءِ ويندڙ وزير به پنهنجي خرچ تي پيٽرول ڀرائيندا، پنجاب ۾ 50 لک ٽن ڪڻڪ جي پيداوار جو ٽارگيٽ پورو ٿي ويو آهي

هن چيو ته  پنجاب سرڪار ڪڻڪ جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ صوبن جي مدد ڪندي، اٽي جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ پنجاب ۾ سرحدي پوائنٽس تي سخت نگراني جو فيصلو ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔