پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ وري 30 روپيا اضافو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 30 رپين جو اضافو ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 210 روپيا ٿي وئي  .

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود ڪافي نقصان ٿي رهيو هو،پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ اڻ ٽر آهن.

هن چيو ته عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون به وڌي رهيون آهن جنهن ڪري اسان به اضافو ڪرڻ تي مجبور آهيون . پندره جون تي اوگرا جي سمري آئي آهي ته ان سان قومي خزاني ۾ وڌيڪ نقصان وڌندو.

ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سستي پيٽرول جي اسڪيم شروع ڪئي آهي جنهن سان هڪ ڪروڙ چاليهه هزار ماڻهن کي 2 هزار رپيا ماهوار ڏنو ويندو ، ان مد ۾ 28 ارب رپيا ڏنا ويندا .

هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران ڏنل ايمنسٽي اسڪيم به 2 جون تي ختم ٿي وئي آهي ، جون ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويندو ڇو ته آءِ ايم ايف بجيٽ کي به ڏسي رهيو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔