عوام رُلي ويو، بجلي ٻيهر7 رپيا 91 پئسا في يونٽ مهانگي

ڪراچي: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي بنيادي ٽيرف تي 7 رپيا 91 پئسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

نيپرا موجب اضافي کان اڳ نيپرا جي تعين ڪيل ايووريج 16.91 رپيا هئي، بجلي جو نيشنل ٽيرف 24.82 رپيا في يونٽ تعين ڪيو، بجلي جو ٽيرف وڌائڻ جو بنيادي ڪارڻ رپئي جو ملهه ڪرڻ آهي، ٽيرف وڌائڻ جي ڪري ڪپيسٽي لاڳت ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڙن جي قيمت وڌڻ به آهي

نيپرا جو چوڻ آهي ته توانائي جي خريداري جي قيمت 1152 رب رپيا امڪان آهي، ڪپيسٽي لاڳت اين ٽي ڊي سي ۽ ايڇ وي ڊي سي سميت 1366 ارب رپين جو ڪاٿو آهي

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔