هڪ ڏيڍ مهينو ڏُکيو گذرندو، پوءِ سولائيون ٿينديون: مفتاح اسماعيل

ڪراچي: واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته هڪ ڏيڍ مهينو ڏُکيو گذرندو، پوءِ سولائيون ٿينديون، پيٽرول جي اگهن ۾ هڪٻئي پويان ڳاٽي ٽوڙ واڌ بعد ناڻي جي وزير  پاران عوام کي آسرو ڏنو ويو آھي

نجي ٽي وي  پروگرام ۾ وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو تھ پيٽرول جا اگهه نه وڌايون ها ته رُپئي جي قدر وڌيڪ ڪِرَي ها ۽ مهانگائي وڌي ها، حڪومت اڃا به پيٽرول تي 8 رُپيا سبسڊي ڏئي رهي آهي، 10 جون تي ايندڙ بجيٽ ۾ ڪافي معاملا سهيڙيا ويندا

ھن چيو تھ وزيراعظم آڏو توانائي بچائڻ جي سفارش رکنداسين، حڪومت وڃڻ کان ٽي ڏينھن اڳ پي ٽي آءِ حڪومت روس کي خط کيو ھو، جنھن جو اڄ تائين جواب ناھي آيو، جيڪڏھن روس 30 سيڪڙو سستي ڪڻڪ ۽ تيل ڏيندو تھ وٺنداسين، اسان روس کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ ڳالھائي رھيا آھيون

مفتاح اسماعيل جو چوڻ ھو تھ جون جي مھيني ۾ بجلي جون قيمتون وڌڻ جو ڪو امڪان ناھي، استان کي شارٽ ٽرم تي مھانگي ايل اين جي خريدڻ پئجي رھي آھي، ڪوئلي جون قيمتون ايل اين جي کان بھ وڌيڪ ٿي ويون آھن، ڪوئلي مان ٺھندڙ بجلي جي فيول تي خرچ 30 رپيا اچي رھيو آھي، بس ھڪ ڏيڍ مھينو ڏکيو گذرندو، پوءِ آساني ٿي ويندي

ٻئي پاسي عوام پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آھي، رات کان وٺي مختلف شھرن ۾ پيٽرول جا اگھ وڌيڪ ٿيڻ ۽ پيٽرول پمپ بند ٿيڻ خلاف شھرين پاران احتجاجي مظاھرن جو سلسلو جاري آھي

شھرين جو چوڻ آھي تھ ھن حڪومت بھ عوام جا لاھ ڪڍي ڇڏيا آھن، ھفتي ۾ ٻھ ڀيرا 30، 30 رپيا پيٽرول وڌايو ويو آھي، پيٽرول وڌڻ سان ھر شئي مھانگي ٿي وئي آھي، دڪانن تي کائڻ وارو تيل بھ مھانگو ٿي ويو آھي، عوام ڪيڏانھن وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔