ڀارت ۾ ناريءَ پاران پنهنجو پاڻ سان شادي ڪرڻ جو اعلان

راجسٿان : ڀارتي رياست رجسٿان ۾ هڪ ناريءَ پاڻ سان شاديءَ جي تاريخ جو اعلان ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. ڀارت جي رياست راجسٿان جي علائقي وڊوڊارا سان تعلق رکندڙ 24 سالن جي ڪشامه بندو جي شاديءَ جون تمام تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ شادي جي تاريخ ۽ مقام جو اعلان ٿي ويو آهي

پر 11 جون تي ٿيندي اها شادي ان لحاظ سان به منفرد هوندي ته هن ۾ گهوٽ ڪوبه نه هوندو. ڀارتي ميڊيا موجب ڪشامه بندو جي شادي ۾ سندور سميت تمام هندو رسمون ادا ڪيون وينديون. ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ڪشامه بندو پنهنجي فيصلي کي پاڻ سان محبت جي اظهار جو ذريعو قرار ڏيندي ٻڌايو ته مان ڪڏهن به شادي ڪرڻ نٿي چاهيان پر مان ڪنوار بڻجڻ چاهيان ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔