سينيٽ ۾ اپوزيشن جو پيٽرول جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف علامتي واڪ آئوٽ

اسلام آباد: سينيٽ ۾ اپوزيشن جو پيٽرول جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف علامتي واڪ آئوٽ، اپوزيشن ميمبرز پاران سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس اڳيان احتجاج ڪيو ويو

ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين وارننگ ڏني ته جيڪو ميمبر پنهنجي سيٽ تي واپس نه ويندو، اُن جي رُڪنيت معطل ڪري ڇڏيندس، اپوزيشن ميمبرز سيٽن تي واپس وڃي احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي

پي ٽي آءِ سينيٽر شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف موجوده حڪومت کي ڏنڊا هڻڻ شروع ڪيو آهي، حڪمران عوامي مفادن ۾ آءِ ايم ايف اڳيان بيهي نه سگهيا، ھي ملڪ کي تباھ ڪري رھيا آھن

وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ملڪ جو ڏيوالو ڪڍندڙ معيشت جو درس نه ڏين، سڀني کي گڏجي ملڪ کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، اسان ڪي ڏکيا فيصلا نھ ڪيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔