مانچسٽر ۾ پاڪستان جي مشهور لوڪ ڳائڻي عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي جو ڪنسرٽ بد نظمي جو شڪار بڻجي ويو, پرڏيهي خابرو اداري موجب مانچسٽر ۾ عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي جي ڪنسرٽ ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کان علاوه ٻارن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
ڪنسرٽ دوران تماشائي ۽ سيڪيورٽي گارڊز وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنسرٽ ۾ بد نظمي جو شڪار ٿي ويو
انتظاميه جو چوڻ آهي ته نوجوان اسٽيج جي سامهون ڊانس ڪري رهيا هئا، جن کي سيڪيورٽي گارڊز روڪيوته پاڪستاني نوجوان ۽ سيڪيورٽي گارڊ وچ ۾ منهن ماري پيدا ٿي
بعد ۾ صورتحال ايتري ته خراب ٿي وئي جو عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي کي شو ڇڏڻو پيو ۽ ڳائڻي کي سيڪيورٽي گهيري هيٺ هال مان ٻاهر ڪڍيو ويو