ڏاهاڻي جي وڏي وزير سان ملاقات، شاهنواز جي بالنگ تي مان بيٽنگ ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ملاقات ڪئي آهي

وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات دوران وڏي وزير چيو آهي ته شاهنواز ڏاهاڻي جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي ۽ هي پاڪستان ڪرڪيٽ جو چمڪندڙ ستارو آهي

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته شاهنواز ڏاهاڻي کي هر طريقي سان پروموٽ ڪنداسين ۽ کيس هدايت ڪئي ته هو پنهنجي تربيت تي وڌيڪ ڌيان ڏيئي ۽ سنڌ جي ٻين نوجوانن کي به اڳتي آڻڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري

سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته سانگهڙ جي بهترين اسپنر نعمان ۽ ٻين نوجوانن کي ڪرڪيٽ ۾ پروموٽ ڪرڻو آهي ۽ پي ايس ايل لاءِ ٽيم آڻڻ چاهيون ٿا ۽ پي ايس ايل ٽيم کي جلد ٺاهڻ لاءِ اسپانسر جي ڳولا ۾ آهيون

ترجمان موجب فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي دوستن ۽ مائٽن سان گڏ سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪري وڏي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ وڏي وزير شاهنواز ڏاهاڻي کي شيلڊ، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پيش ڪندي چيو ته مان شاهنواز جي بالنگ تي بيٽنگ ڪندس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔