ڀاڄيون وڪڻڻ سان ملڪ ترقي نٿو ڪري سگھي:وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آھي ته ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري اڳيان پيش ايندڙ رنڊڪون ختم ڪريون، ترقي پذير ملڪن امپورٽ بدران ايڪسپورٽ وڌائڻ تي ڌيان ڏنو

وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران چيو آهي ته امپورٽ وڌائڻ سان ملڪ ترقي ناهي ڪندو، غريب ملڪن جو وڏو مسئلو مني لانڊرنگ آهي، اسان جا شهر ايڏي تيزي سان وڌي رهيا آهن، جنهن سان مسئلا پيش اچن ٿا، چين کان اربن پلاننگ سکي سگهون ٿا

وفاقي راڄڌاني ۾ پاڪ چائنا بزنس انويسٽمينٽ فورم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان وڌيڪ چيو ته ڀاڄيون وڪڻڻ سان ملڪ ترقي نٿو ڪري سگھي، برآمدات وڌائڻ کانسواءِ ڪنهن به ملڪ جي ترقي ممڪن ناهي، ڊالر کي ٻاھر کڻي وڃڻ کي گھٽ ڪرڻو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔