جي يو آءِ ۽ ٽي ايل پي جو اڳتي اچڻ پاڪستان لاءِ خطرناڪ هوندو:فواد چوڌري

اسلام آباد: وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان اپوزيشن کي ليڊ ڪري رهيو آهي ته اها ملڪ جي بدقسمتي هوندي، جي يو آءِ ۽ ٽي ايل پي جهڙين فرقيوار پارٽيز جو اڳتي اچڻ پاڪستان لاءِ خطرناڪ هوندو

ميڊيا سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جهڙين جماعتن کي سوچڻ گهرجي، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته روئڻي اپوزيشن وٽ ڪو نظريو يا پاليسي نه آهي، وڏين پارٽيز کي احتساب، اليڪشن ۽ عدالتي نظام ۾ سڌارن تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، هر مامري کي ڪيسز ۾ رليف سان ڳنڍيو ويندو ته شروعات نه ٿي سگهندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔